ڪراچي ۾ صحافي سان پوليس اهلڪارن جي بداخلاقي

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون دوران صحافتي ذميواريون نڀائيندي هڪ نجي ٽي وي جي رپورٽر جي رسالا ٿاڻي جي حد ۾ رستا روڪ  ڪئي وئي،  ليمارڪيٽ ڀر سان رسالا ٿاڻي جي حد ۾ ناڪابندي ۾ ايس ايس آءِ عمران حسين صحافي امداد  کي موٽر سائيڪل بيهاري روڪي ورتو،۽ گٿا لفظ ڳالهايا، واقعي خلاف صحافين ۾ تاءُ  پکڙجي ويو،  صحافي برادري اقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ۔ صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاھ ۽ لاڳاپيل عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته رسالا ٿاڻي جي اي ايس آء عمران احمد خلاف فوري طور تي ڪاروائي ڪري صحافي سان ٿيل زيادتي جو ازالو ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.