سنڌيت جو مالهي، گوبند مالهي

تحرير: ڊاڪٽر سليمان شيخ

سيپٽمبر 1989ع جو سال سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن لاءِ نوجوانيءَ جو سال هو. ڊسمبر 1988ع ۾ سگا جي ميمبرشپ تان پابندي سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ وسيلي لٿي هئي ۽ اسان وري سرگرم ٿي ويا هئاسون. انهن ڏينهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو جو دور هو،  هوءَ ملڪ جي وزيراعظم هئي. سگا هن سال کي سچل جو سال ڪري ملهائڻ جو وچن ڪيو. ان سلسلي ۾ سيپٽمبر 1989ع ۾ بين الاقوامي سچل ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ان لاءِ ضروري هو ته ڏيساور ۾ رهندڙ سنڌي اديبن ۽ دانشورن کي به ڪوٺ ڏجي پر اهو ڪم ايترو سولو ڪونه هو ان لاءِ وڏا اڻانگا رستا جهاڳڻا هئا، اسان همٿ ڪانه هاري ۽ دعوت ناما موڪلياسين. سرڪاري ڪاغذ پٽ به تيار ڪراياسين. سيد غلام مصطفيٰ شاهه ان وقت وزير تعليم هو کين مدد لاءِ وينتي ڪيم پاڻ خوشيءَ سان مدد ڪيائون ۽ پهريون ڀيرو سنڌي اديبن جو وفد هن ڪانگريس ۾ ڀارت مان اچي شامل ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ اهو پهريون ڀيرو هو جو اسان جا سنڌي پنهنجي سنڌ ڏانهن موٽڻ لڳا هئا. دوستن کي ويزا ملي پر صرف 6 ساٿي هن يادگار ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي سگهيا. هيءَ ڪانفرنس يادگار ڪيترن ئي حوالن سان هئي.

1.ته سگا 6 سالن جي پابنديءَ واري پردي کي هٽائي روز روشن وانگر پنهنجو وجود ياد ڏياريو.

2.ته هيءَ پهرين ڪانفرنس هئي جنهن ۾ هند کان سنڌي اديبن جو پهريون وفد شامل ٿي سگهيو هو.

  1. هيءَ ڪانفرنس وزيراعظم پاڪستان کي کولڻي هئي پر وقت جي جاسوسي کاتي کين ايئن ڪرڻ کان روڪيو پر ڪانفرنس پنهنجي وقت تي ٿي ۽ وزيراعظم جي ماءُ بيگم نصرت ڀٽو هن ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو.
  2. هن ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي مک يونيورسٽين جا وفد شامل ٿيا.
  3. ڪانفرنس جي وفدن کي سڄي سنڌ جي زيارت ڪرائي وئي. اسان جا ساٿي جيڪي 1947ع ۾ سنڌ ڇڏي ويا انهن لاءِ پنهنجا ماڳ ڏسڻ هڪ وڏو عظيم تجربو هو.
  4. هن ڪانفرنس ۾ پهريون عالمي سنڌي مشاعرو ٿيو. ان کانپوءِ اڃان تائين وري ان قسم جو ادبي ميڙاڪو نه ٿي سگهيو آهي. هن اهم عالمي مشاعري جي صدارت شيخ اياز ڪئي ۽ منچ تي مالهي صاحب براجمان هو جيڪا ڳالهه وڏي فخر جي آهي. ان کانسواءِ ادبي ڪانفرنس جي هڪ سيشن جي صدارت گوبند مالهي صاحب جن ڪري اسان کي عزت بخشي.
  5. هن ڪانفرنس ۾ سنڌي ادبي سنگت جو پايو وجهندڙ جناب گوبند مالهي سنڌي ٻوليءَ جو برک شاعر پڻ شريڪ ٿيو.

گوبند مالهي اديبن جي سٿ ۾ هڪ قداور اديب ۽ شاعر هو. پاڻ هن يادگار سفر متعلق پنهنجو سفرنامو ”سنڌ ياترا“ پڻ لکيو اٿن هن چند دوستن سان گڏجي سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو ان ڪري به هن جو نالو سنڌي ادبي جي مهنداري ۾ ليکجي ٿو.

گوبند مالهي 5 آگسٽ 1921ع تي ٺاروشاهه سنڌ ۾ جنم ورتو. سندن ننڍپڻ اتي گذريو پر وڌيڪ تعليم لاءِ ڪراچيءَ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتائون.

ان دور ۾ ترقي پسند ادب طرف سندن لاڙو ٿيو ۽ سنڌي ادبي سنگت 1946ع ۾ قائم ٿي. 1947ع ۾ هن عظيم ترقي پسند ليکڪ ۽ امن پسند سياسي ڪارڪن کي هڪ ٻاهران ايندڙ سندس دفتر ۾ اچي ڌمڪايو ته هو وطن ڇڏي وڃي.

اها ڏکوئيندڙ صورتحال هئي. انگريزن جي ڊگهي غلامي کانپوءِ هڪ آزاد وطن جو آسرو ٿيو هو ته هي فرقيوار فساد هن ملڪ جي نصيب ۾ آيا ڪيترائي سڄاڻ اديب عالم دانشور واپاري ۽ زميندار پنهنجو ديس آلين اکين سان ڇڏي هڪ نئين ملڪ ڏانهن راهي ٿيا جتي هو ڏکين حالتن مان گذرندا رهيا.

گوبند مالهي همٿ نه هاري سنڌي ٻولي کي عام ڪرڻ لاءِ هو لاڳيتو جدوجهد ڪندو رهيو هن اکل سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جو بنياد رکيو.

هن اتم ۽ ڪيرت سان گڏجي نئين دنيا رسالي جو بنياد رکيو. ان رسالي جو ايڊيٽر پڻ رهيو. گوبند سنڌي ادب کي 51 ڪتابن سان نوازيو هن سڀ کان وڌيڪ سنڌي ناول لکيا ان ڪري هن کي سنڌي ناولن جو سمرٽ (شهزادو) سڏيو وڃي ٿو.

جيتوڻيڪ پاڻ فيبروري 2001ع ۾ اسان کان جدا ٿي ويا پر سندن ڪتاب اسان کي سدائين هڪ عظيم انسان جي ياد ڏياريندا رهندا.

مالهي جي شخصيت:

هڪ انٽرويو ۾ پاڻ چيائون ته ”ساهت، سياست ۽ انقلاب کان وڌيڪ منهنجي لاءِ اهميت رکندڙ آهي. انساني زندگي،“ بنيادي طور منهنجي رُچي انساني زندگيءَ ۽ ان کي بهتر بنائڻ ۾ رهي آهي. ان ئي مقصد کي اڳيان رکي شروعاتي دور ۾ ڌرم ۾ دلچسپي هيم. پوءِ صوفي ازم ۾ رهي جا اڄ به سلامت آهي. جوانيءَ ۾ مارڪسواد ڏانهن مائل ٿيس. سدائين ساهت ۽ سياست وچ ۾ پل جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. مقصد اهوئي هو ته طبقن جو تفاوت مٽجي اميري غريبيءَ جو فرق ختم ٿئي ۽ هر انسان کي لائقيءَ موجب اسرڻ جا وجهه ۽ مناسب معاوضو ملي. لٿي پٿي تحرير کي تقدير مٿان ترجيح ڏني اٿم ۽ سچ اهو آهي ته ساهت ۽ ڪلا سان وڌيڪ نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.

سنڌيت جو مالهي:

پاڻ هڪ انٽرويو ۾ چيائون ته ”منهنجي زندگي اتفاقن جي ڪهاڻي رهي آهي. گڏوگڏ سنڌيت بچائڻ جو جنون به سر تي سدائين سوار رهيو آهي اها چاهنا هردم ڀريل رهي آهي ته جي تنهن جي ڄاڻ ۾ وقت ڏيڻ سان سنڌي ٻولي ساهت سنسڪرتيءَ جو ڀلو ٿيڻو آهي ته مون کي ان ۾ ايندڙ تڪليفون برسر آهن.

گوبند مالهي صاحب سنڌي ناٽڪ وسيلي به ڀارت جي مختلف شهرن ۾ ناٽڪ منڊليون مچايون ۽ سنڌيت جو پرچار ڪيو. هن وقت سنڌي ٻولي ڏيها ڏيهي ٻولي بڻجي وئي آهي اسان سنڌي گڏجي سنڌيت کي مضبوط ڪريون. اهوئي سبق مالهي پڙهايو آهي. اچو ته ان ڏياٽيءَ کي روشن ڪريون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.