سجاول ۽ ٺٽي جا 600 ٻارڙا ٿيليسميا ۾مبتلا ، رت ملڻ مشڪل

دڙو (رپورٽ: منٺار ٺاراڻي(سجاول ضلعي ۾ 300 جي لڳ ڀڳ ٻارڙا ٿيليسميا جي مرض ۾ مبتلا آهن جن ۾ مريضن جو وڏو انگ سجاول ضلعي جي ساحلي تعلقن جاتي ۽ شاھبندر جو آهي جن لاءِ هي رت پياڪ بيماري وڌيڪ پريشاني جو سبب انڪري بڻيل آهي جو ساحلي علائقن کان وڏو سفر ڪري سجاول اچڻ ۽ سجاول ۾ بلڊ بينڪ نه هئڻ ڪري وري ڪراچي، حيدرآباد ۽ بدين ڏانهن وڃڻ ڪري کين شديد مشڪلاتون ڏسڻيون پون ٿيون، ٿيليسميا جي مريضن کي صحت مند زندگي گذارڻ لاءِ پهچ وارا والدين ته وقت سر پنهنجين گاڏين ۾ وٺي رت چاڙهائن ٿا پر هن شديد مهنگائي جي دور ۾ ٻہ ويلا ٻچن کي ماني کارائڻ ۾ پريشان رهندڙ غريب والدين شديد پريشاني جو شڪار آهن ۽ انهن جي اولادن کي وقت سر رت نه چڙهڻ تي انهن جا ٻارڙا سخت تڪليفون برداشت ڪن ٿا جڏهن ته ڪن جي وري زندگي ئي پوري ٿيو وڃي، سجاول ۽ ٺٽي ضلعي جي ٿيليسميا جي مريضن جي سوين والدين پاران سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته جلد کان جلد سجاول ضلعي ۾ بلڊ بينڪ (ٿيليسيميا سينٽر) قائم ڪيو وڃي ته جئين اسان کي پنهنجي مريض ٻچن کي رت چاڙهائڻ لاءِ سخت پريشان ٿي پري پري تائين وڃڻو نه پوي.

سجاول ۽ ٺٽي ڪيترن ئي ٻارڙن زندگيون وڃائيون

دڙو : ٿيليسيميا مريض جي علاج جا به  ئي طريقا آھن، ھڪ عارضي علاج خون چاڙھائڻ آھي ۽ ٻيو آپريشن جنھن کي بون ميرو ٽرانسپلانٽ  چئجي ٿو، مريض جي عمر جي حساب سان مھيني ۾ چار کان چھه بوتلون رت جون لڳن ٿيون، جڏھن ته بون ميرو وري ٻار کي جيترو به ٿي سگھي ننڍي عمر ۾ ڪرائجي ته ڪاميابي جا چانس زياده ھوندا آھن، سجاول ۽ ٺٽي ضلعي ۾ ٿيليسميا سبب ڪيترن ئي ٻارڙن جون زندگيون ضايع ٿي چڪيون آهن، اڳين بون ميرو جي سھولت فقط ٻاھر ملڪ ۾ ھوندي ھئي پر ھاڻ پاڪستان ۾ به ڪافي ھنڌن اھو علاج موجود آھي، پر انتھائي مھانگو آھي،  ڪراچي ۾ ملڪ جي نالي واري ڊاڪٽر طاهر شمسي بون ميرو ٽرانس پلانٽ جو بنياد رکي علاج شروع ڪيو آھي، بون ميرو ۾ %78 مريضن جي ٺيڪ ٿيڻ جا چانس هوندا آهن ۽ %22 زندگي ختم ٿيڻ جو خطرو به ھوندو آھي، جڏهن ته ان کان علاوه لاهور ۽ راولپنڊي ۾ به سي ايم ايڇ نالي اسپتالن ۾ بون ميرو جي علاج جي سھولت آھي ، جڏھن ته تازو گمبٽ ۾ ٿيليسيميا جي جديد علاج بابت ٽيڪنالاجي ھجڻ ڪري مريض کي علاج جون سهولتون دستياب آھن، مليل ڄاڻ موجب مذڪوره بون ميرو پلانٽ ۾ ٿيليسميا جي مرض جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪيترائي آپريشن ٿيا آهن جن مان ڪجهه ڪامياب ته وري ڪن ۾ مريض جي زندگي جو انت اچيو وڃي، بون ميرو جو مڪمل خرچو لڳ ڀڳ ھڪ ڪروڙ رپيا ٿئي ٿو ، جيڪو ڪنھن غريب لاءِ برداشت ڪرڻ ناممڪن آھي، جڏهن ته پيسن جي وڏي خرچي باوجود ڪاميابي جي يقيني نه ملڻ سبب مريضن جا والدين ڏکيو سکيو رت چاڙهائين ٿا ۽  پنهنجي ٻارن جو آپريشن نٿا ڪرائن ته متان جان تان ئي هٿ کڻڻو پئجي وڃي۔

ٿيليسميا موروثي مرض، ماءُ پي مان ٻار ۾ منتقل ٿئي ٿو: ماهر

دڙو : ماهرن مطابق اهو ٿيليسميا موروثي مرض آهي جيڪو والدين جا جزا نه ملڻ ڪري ٻارن  ۾ منتقل ٿئي ٿو، ماهرن جو چوڻ آهي ته  شاڌي کان اڳ ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي ته جئين رت جا جزا نه ملڻ تي علاج ڪرائجي ته جئين اولاد ٿيليسميا جو مريض نه پيدا نه ٿئي.

ٻار جو جسم ڦلڙو، ٻانهون ۽ ٽنگون سنهيون ٿي وڃـن ٿيو

دڙو : ٿيليسميا جي مريض ٻارڙن ۾ رت جي تمام گھڻي گھٽتائي هوندي آهي، ٻار جو منهن ڦڪو ۽ ڦلڙو ٿي ويندو آهي ۽ منهن تي آموس هوندي آهي، ٻار جي بک مئل هوندي آهي، ٻار جي جسماني اوسر دير سان ٿيندي آهي، منهن جي هڏن ۾ سور ٿيندو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي ٻارن جي منهن جا هڏا وڌي يا ٽيڏا ٿي ويندا آهن، ٻارن جي تري ويل، سڳل هوندي آهي ۽ ڪيترن ئي ٻارن جي تري ۾ سور هوندو آهي، جڏهن هي بيماري مهلڪ بڻجي ويندي آهي ته مريض ۾ هي علامتون ظاهر  ٿينديون آهن، ٻار جي جسم جون مشڪون ڪمزور ٿي سسي وينديون آهن تنهنڪري ٻار جو جسم ڦلڙو، ٻانهون ۽ ٽنگون سنهيون ٿي وينديون آهن ۽ ڪيترن ئي ٻارن جون ٽنگون ڦري به وينديون آهن، ان کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي علامتون آهن جيڪي ٿيليسميا جي مريض ٻارن ۾ هونديون آهن ۽ اهي هر وقت تڪليف ۾ هوندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.