پيٽرول کان پوءِ ايل پي جي جي قيمت ۾ واڌ، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) آگسٽ جي لاءِ ايل پي جي جي قيمت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

اوگرا ايل پي جي مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب ايل پي جي جي في ڪلو قيمت ۾ 9 رپيا 58 پيسا في ڪلو واڌ ڪئي وئي.

ايل پي جي جو 11.8 ڪلو وارو گهريلو سلينڊر 113 رپيا 7 پيسا مهانگو ٿي ويو آهي. ايل پي جي جي نئين قيمت آگسٽ 2021 جي لاءِ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.