اين سي او سي سنڌ اندر وفاقي آفيسن ۾ عملي کي گهٽ ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪورونا جي خاتمي واري اداري نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) سنڌ ۾ جزوي لاڪ ڊائون واري سنڌ حڪومت جي فيصلي جي تائيد ڪري ڇڏي.

اين سي او سي جي پڌرائي موجب سنڌ حڪومت 31 جولاءِ کان 8 آگسٽ تائين مختلف پابندين کي لاڳو ڪيو آهي، نوٽيفڪيشن ۾ ڇوٽ وارا ڪجهه سيڪٽرز ايس او پيز جي موجب ڪم ڪندا.

اين سي او سي جو چوڻ آهي ته هوائي آپريشن پهرين کان واضح ڪيل ايس او پيز ي موجب جاري رهندا، جڏهن ته ريلوي 70 سيڪڙو مسافرن سان گڏ پنهنجو آپريشن جاري رکندي.

اين سي او سي موجب سنڌ ۾ وفاقي آفيسن ۾ عملي جي انگ کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.