راجن پور ۾ مسافر وين کي باهه لڳي وئي، 4 مسافر سڙي فوت

ملتان(ويب ڊيسڪ) روجهان انڊس هاءِ وي ٽول پلازه ڀرسان مسافر وين کي اوچتو باهه لڳي پئي جنهن سبب 5 ڄڻا سڙي ويا.

ريسڪيو ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروائي ڪئي ۽ زخمين کي روجهان اسپتال منتقل ڪيو. اکين ڏٺي شاهدن ٻڌايو مسافر وين ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار سوار هئا.

اسپتال ۾ 4 مسافر زخمن جي سٽ نه سهندي مالڪ حقيقي سان وڃي مليا. فوت ٿيلن ۾ ٻه ٻار ۽ ٻه مرد شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.