پنجاب ۾ 49 سيڪڙو عوام لاءِ مهانگائي اهم ترين مسئلو

لاهور(م ڊ) پنجاب جي 49  سيڪڙو شهرين مهانگائي کي اهم ترين مسئلو قرار ڏئي ڇڏيو، انسٽيٽيوٽ فار پبلڪ اوپينئن ريسرچ پنجاب جي عوام کان ملڪي مسئلن بابت سروي ڪيو، سروي مطابق پنجاب جي 49 سيڪڙو شهرين مهانگائي کي اهم ترين مسئلو جڏهن ته 19 سيڪڙو بيروزگاري کي سڀ کان وڏو مسئلو قرار ڏنو آهي، 57 سيڪڙو شهرين جي راءِ آهي ته ملڪ غلط رخ ۾ وڃي رهيو آهي جڏهن ته 38 سيڪڙو ان جي ابتڙ راءِ ڏني، جڏهن ته 46 سيڪڙو شهري وڏي وزير عثمان بوزدار جي حڪومت مان غيرمطمئن آهن، 32 سيڪڙو اطمينان جو اظهار ڪيو، پنجاب جا 52 سيڪڙو شهري صوبائي حڪومت جو مدومڪمل ٿيڻ جا حامي آهن جڏهن  ته 43 سيڪڙو مخالف نظر آيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.