ٿر ۾ ڌرتي ڌڻين کي بي گهر ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي: ساڃاهه وند

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ جي سماجي اڳواڻن ۽ وڪيلن چيو ته ٿرڪول ۾ ٿر واسين کي بي گهر ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جڏهن ته حقن جي ڳالهه ڪرڻ تي ڌرتي ڌڻين کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو، عورتون قتل ٿي رهيون  آهن، سندن تحفظ لاءِ ڪي به ادارا ڪونهن، احتساب جي ڳالهه ته ٿئي ٿي پر پارليامينٽ ۾ وڏيرا ويٺل آهن، جتان انصاف جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي. هيومن رائيٽس ڊفينڊرس نيٽ ورڪ طرفان ڪارپوريشن جو احتساب ۽ انساني حقن ۽ انساني حقن جي محافظن جو احترام جي عنوان هيٺ ويهڪ ٿي، جنهن جي صدارت نيٽ ورڪ جي ڪنوينر ايڊووڪيٽ علي پلهه ڪئي، پروگرام ۾ حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار جي نائب صدر ايڊووڪيٽ ڀگوانداس ڀيل، سماجي اڳواڻ ڪرشن شرما، وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ نسيم جلباڻي، ايڊووڪيٽ حڪيم چانڊيو، ايڊووڪيٽ ستار سرڪي، ڪاشف صديقي، ايڊووڪيٽ رخسار، ايڊووڪيٽ شگفتا ممتاز ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٿر ۾ ڌرتي ڌڻين کي بي گهر ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، ٿر ڪول ۾ گوڙاڻو ڊيم  سميت ڌرتي جي وارثن سان ناانصافيون ٿي رهيون آهن. هنن چيو ته دودو ڀيل کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته قادر کوکر ۽ مورو ڀيل اڃان تائين زخمي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل آهن.  هنن چيو ته ڪامريڊ سينگار کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، ڇو ته هن سنڌ ۽ ڌرتي ڌڻين سان ٿيندڙ ناانصافين جي ڳالهه ڪئي هن ملڪ ۾ انصاف خواب بڻجي چڪو آهي، عورتن جي تحفظ لاءِ ڪي به  مضبوط ادارا ڪونهن. هنن چيو ته  پارليامينٽ ۾ سڀ وڏيرا ويٺا آهن، جن جا پنهنجا مفاد آهن، جڏهن ته عدالتن ۾ ڪيس سالن تائين هلن ٿا. هن چيو ته ٿر ڪول ۾ احتساب جي ڳالهه ته ڪجي ٿي پر ان ۾  سنڌ حڪومت حصيدار آهي، جتان انصاف جي اميد ڪونهي. 17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.