موٽرسائيڪل تي هڪ، گاڏي ۾ رڳو 2 ماڻهن جي اجازت

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار تعليمي، واپاري، مذهبي، تفريحي، راندين جي سرگرمين ۽ ٽرانسپورٽ تي 8 آگسٽ تائين پابندي لڳائي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شهري  سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ گهران نه نڪرن، جنازي نماز ۽ ٻين مذهبي تقريبن لاءِ حد جي لاڳاپيل ايس ايڇ او کي آگاهي ڏيڻ ضروري هوندي، موٽرسائيڪل تي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي، ڪارن ۽ ٻين گاڏين ۾ ٻن ماڻهن کي ويهڻ جي اجازت هوندي، جيڪڏهن ٽيون ماڻهو مريض هوندو ته ان کي اسپتال کڻي وڃڻ لاءِ اجازت هوندي،  نوٽيفڪيشن موجب هوٽلن تي ٽيبل جي سروس بند هوندي، ٽيڪ اوي به جي سهولت به نه ملندي صرف اي ڪامرس ذريعي هوم ڊليوري ٿي سگهندي، اهو اسٽاف به ويڪسينيٽيڊ هجڻ لازمي آهي،  نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ تعليمي، واپاري، مذهبي، تفريحي، راندين، تربيتي پروگرامن تي به پابندي هوندي، صوبي ۾ سمورا امتحان 8 آگسٽ تائين ملتوي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته صوبن ۽ ضلعن وچ ۾ به هلندڙ ٽرانسپورٽ 8 آگسٽ تائين بند رهندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.