متحده اڳواڻ طاهر مشهدي پ پ ۾ شامل، وفاق حملي جي سوچ ڪڍي: کهڙو

ڪراچي( رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سينٽر ڪرنل رٽائرڊ طاهر مشهدي ايم ڪيو ايم کي ڇڏي پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت ڪري ڇڏي آهي. پ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي طاهر مشهدي کي پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت  ڪرڻ تي ڀليڪار چوندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ غيرآئيني طريقو استعمال ڪرڻ جي سوچ ڇڏي ڏئي، پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت سنڌ ۾ آئيني طور تي گورنر راڄ نه ٿي لڳائي سگهي ته سنڌ ۾ وزيراعظم راڄ لڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آهي پر راڄ صرف عوام جو ئي هلندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي سينيٽر طاهر مشهدي جي پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت جي موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، جاويد ناگوري، لال چند اڪراڻي ۽ شڪيل ميمڻ پڻ موجود هئا. نثار کهڙو چيو ته سنڌ تي حملي آور ٿيڻ جا خوب ڏسندڙ وفاقي حڪومت سنڌ کي ڌمڪيون نه ڏئي. وفاق سنڌ بابت عوام جي هڪ رد ٿيل شخص تي هٿ رکيو آهي.. نثار کهڙو چيو ته ماضيءَ جي حڪومتن دوران ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ سبب عوام جو سفر ڪرڻ رسڪ سمجهيو ويندو هو.ڪراچيءَ ۾ لاش کڻڻا پيا. ان موقعي تي سينيٽر طاهر مشهدي ايم ڪيو ايم کي ڇڏي پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت جو اعلان ڪندي چيو ته سوچي سمجهي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي رهيو آهيان. طاهر مشهدي چيو ته ڪراچي بلاول ڀٽو زرداريءَ جو ساٿ ڏئي ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي ڪراچيءَ کي ٺاهيو آهي ۽ صحت جون مثالي سهولتون پڻ ڏنيون آهن ان لاءِ ڪراچيءَ جو عوام پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جو ساٿ ڏئي. هن چيو ته مهاجر ۽ سنڌيءَ جو فرق پيدا ڪرڻ واريون ڳالهيون ڪرڻ بيڪار آهن ۽ شهري ۽ ٻهراڙي جو فرق پڻ غلط آهي ان لاءِ جيڪو به شخص جيڪا به زبان ڳالهائي ٿو اُهو سنڌي آهي .هن چيو ته اسين ماضيءَ ۾ هڪ پارٽيءَ کي آزمايو پر انهن ڪجهه به نه ڏنو. طاهر مشهدي چيو ته پي ٽي آءِ جا سليڪٽيڊ ايم ايم اين ايز  هڪ ڪائونسلر جي اليڪشن کٽي نه ٿا سگهن پر ان وقت حيراني ٿي جن کي بندر روڊ ،پاپوش جي علائقن سميت پنهنجي حلقي جي به خبر ناهي ته انهن کي به ڪراچيءَ مان کٽرايو ويو.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.