ڊاڪٽر عشرت حسين استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هن پنهنجو استعيفيٰ وزير اعظم ڏانهن موڪلي آهي.

ڊاڪٽر عشرت حسين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته وزير اعظم عمران خان کان درخواست ڪئي آهي ته پهرين سيپٽمبر کان منهنجي استعيفيٰ قبول ڪئي وڃي.

هن ٻڌايو ته منهنجي عمر 80 سال ٿي چڪي آهي، ان ڪري وزير اعظم عمران خان کان استعيفيٰ منظور ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.

ڊاڪٽر عشرت حسين جو اِهو به چوڻ آهي ته مون 57 سال نوڪري ڪئي جنهن مان 15 سال سول سروس کي ڏنا، غير سرڪاري طور تي ملڪي خدمت جي لاءِ موجود رهندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.