سنڌ ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪندڙ آفيسرز جي لسٽ تيار آهي: ارباب رحيم

وزيراعظم عمران خان جَي سنڌ افيئرز بابت خاص مددگار ارباب غلام رحيم چيو آهي ته سنڌ ۾ اپوزيشن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، آفيسر شاهي هوش مان ڪم ڪن، ڪوڙا ڪيس داخل ڪندڙ آفيسرن جون لسٽون تيار ٿي چڪيون آهن، نيب سنڌ ۾ هاڻ سکڻيون ڪارروايون نه ڪندو.
ڪراچي ۾ جلال محمود شاهه ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ارباب غلام رحيم چيو ته منهنجو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو جي ڊي اي کي ٿيندو. هن چيو ته سنڌ جو عوام 12 سالن کان پيپلز پارٽي کي برداشت ڪري رهيو آهي، سنڌ حڪومت اپوزيشن خلاف ٻڪري چوري جي ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرائي رهي آهي، پر امتياز شيخ پنج سئو ايڪڙ زمين جو ته حساب ڏئي. هڪ سوال جي جواب ۾ ارباب غلام رحيم چيو ته سنڌ ۾ نيب هاڻي خالي ڪارروايون نه ڪندو، ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب وقت جي ضرورت آهي.سنڌ ۾ اپوزيشن ليڊر سان اختلافن بابت ارباب غلام رحيم چيو ته حليم عادل شيخ سان ٺاهه ٿي ويو آهي. ان موقعي تي جلال محمود شاهه ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي, ارباب طبيعت پڇڻ آيو, اميد ته سنجيده مشوره ڏيندو, پيپلن وارا حوال نه ڪن بحريا ٽائون واري معاملي تي اسانجا ماڻهو گرفتا ٿيل آهن، وفاقي ادارن کان جاچ ڪرائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.