مٺي:هندونينگرتي تشدد ڪندڙ جوابدار کي متاثرڪٽنب معاف ڪري ڇڏيو

مٺي:ڪجهه ڏينهن اڳ ٿر ڪول بلاڪ ون جي نجي ڪمپني جي ڊرائيور عبدالسلام ابو دائود پاران هڪ هندو نينگر مڪيش ڀيل تي تشدد ڪري هندو مذھب بابت غلط ڳالهائيندڙ همراه جي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد جوابدار جي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ ڪالهه جوابدارعبدالسلام جي گهر واري ۽ ٻيا گهر ڀاتي ميڙ منٿ ڪري پورهيت جي گهر پهچي ويا ۽ انهن کان معافي ورتي،جنهن بعد پورهيت مڪيش ڀيل ۽ سندس والد راجو ڀيل پاران نياڻي جي لنگهي اچڻ تي کين مان ڏيندي کين معاف ڪري ڇڏيو،اهڙي تصديق متاثر نينگر مڪيش ڀيل ۽ سندس پيءُ پاران صحافين وٽ پڻ ڪئي وئي ۽ ٻڌايو ته اسان پاران نياڻي جي لنگهي اچڻ تي اسان کين معاف ڪري ڇڏيو آھي،باقي ڪيس پوليس جي فرياد تي داخل ٿيو آھي،جنهن سان اسان جو ڪوبه تعلق ناهي،اسان هندو مسلم مذهبي رواداري ۽ ڀائيچاري سان رهندا پيا اچون،ان ڪري سنڌ جي روايت ۽ ثقافت کي سامهون رکندي اسان معاف ڪري ڇڏيو ،ٻئي پاسي توهين مذھب ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عبدالسلام ابو دائود کي جوڊيشل مئجسٽريٽ مٺي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،مٺي پوليس جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ جي گهر نه ڪئي،عدالت جوابدار کي 11 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي سب جيل مٺي اماڻي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.