اسلام آباد ۾ تعليمي ادارا کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت اسلام آباد جا تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

تعليم واري وفاقي وزارت تعليمي ادارا کولڻ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن موجب گرمين جي موڪلن کانپوءِ تعليمي ادارا 2 آگسٽ کان کوليا ويندا، تعليمي ادارن جي اسٽاف جي لاءِ ڪورونا ويڪسين لازمي قرار ڏني وئي آهي.

تعليم واري وزارت سختي سان هدايت ڪئي آهي ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي اسٽاف کي بغير ويڪسين جي ڪنهن به صورت ۾ لاڳاپيل اداري ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.