سنڌ ۾ لاڪ ڊائون تي فواد چوڌري جو رد عمل اچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون واري فيصلي تي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.

پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ڪنهن صوبي کي انفرادي فيصلي جي اجازت ناهي، اين سي او سي جي هدايت کان سواءِ قدم نه کڻڻ گهرجن.

هن چيو ته سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون جي فيصلي جو جائزو وٺي رهيا آهيون.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته وزير اعظم جي پاليسي بلڪل واضح آهي، هر اهڙي قدم جي خلاف هونداسين جنهن سان عام ماڻهو جي معيشت متاثر ٿئي.

سندس چوڻ هو ته اين سي او سي ۽ سنڌ حڪومت اهڙي حڪمت عملي مرتب ڪري جو عام ماڻهو جو روزگار ۽ واپار گهٽ کان گهٽ متاثر ٿئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.