حيدرآباد:ايس يو پي پاران زين شاهه سميت ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج

سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ضلعي حيدرآباد پاران ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سائين زين شاهه تي داخل ڪوڙن ڪيسن ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي خلاف غفار چانڊيو، منصور خاصخيلي، ظفر ڏيپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سائين زين شاهه تي نام نهاد جمهوريت پسند پيپلز پارٽي جي قيادت پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته پ پ سرڪار بحريا ٽائون پاران سنڌ جي قديمي ڳوٺن کي ڊاهي ڌرتي ڌڻين  کي بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪري. هنن چيو ته ٻئي طرف سنڌ ۾ هٿ وٺي مذهبي انتهاپسندي کي وڌايو پيو وڃي ۽ سنڌ ۾ مذهبي فساد ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.