ڪورنگي ۾ نينگري جي قتل ڪيس ۾ 40 شڪي ماڻهو گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ 6 سالن جي نينگري ماهم جي ڏاڍائي بعد قتل جي سلسلي ۾ 40 شڪي ماڻهن کي  حراست ۾ ورتو ويو جن مان پوليس 15 ڄڻن جا ڊي اين اي نمونا ورتا آهن سپرنٽنڊنٽ پوليس لانڍي شاهنواز چاچڙ ٻڌايو ته پوليس ان ڪيس ۾ لڳ ڀڳ 200 ڄڻن کان پڇاڳاڇا ڪئي آهي. هن چيو ته سي سي ٽي وي فوٽيجز مددگار ثابت نه ٿا ٿي سگهن.فني بنيادن تي جاچ ٿي رهي آهي. هن اميد ڏيکاري ته جوابدار جلد سوگها ٿي ويندا، هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر خرم شير زمان ٻين پارٽي اڳواڻن سان گڏجي ڪورنگي ۾ ڏاڍائي بعد قتل ٿيل 6 سالن جي نينگري جي گهر پهچي ڪٽنب سان تعزيت ڪئي. خرم شيرزمان نينگري جي ڪٽنب کي خاطري ڪرائي ته  تحريڪ انصاف کين مڪمل انصاف ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.اسان جي پارٽي اڳواڻ ۽ لائرز ونگ هر ممڪن مدد لاءِ تيار آهي.خرم شير زمان چيو ته اسين وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي نينگري جي وارثن سان تعزيت لاءِ هتي آيا آهيون. هن چيو ته افسوس آهي ته 2 ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود صوبائي حڪومت جي ڪنهن نمائندي هتي پهچي ڏاڍائي جو شڪار نينگري جي گهرڀاتين سان تعزيت نه ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.