گوادر ۾ پاڻي ۽ بجلي جو بحران سنگين ٿي ويو، هڙتال، احتجاجي ڪئمپ قائم

گوادر(م ڊ) گوادر ۾ بجلي ۽ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، نيشنل پارٽي جي اپيل تي شهر ۾ مڪمل  شٽرڊائون هڙتال ڪئي وئي‏، بازارون، مارڪيٽ، بئنڪون بند رهيون، روڊن تي رڪاوٽن سبب ٽريفڪ جي رواني معطل ٿي وئي، روڊ ويران ٿي ويا، جنهن سبب ڪو به آفيسر گوادر پورٽ نه پهچي سگهيو، ٻين آفيسن ۾ به وهنوار معطل رهيو، نيشنل پارٽي پاران ملا موسيٰ روڊ تي احتجاجي ڌرڻو ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ نيشنل پارٽي جي ڪارڪنن سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، ايران کان مڪران کي بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب سڄو ڏينهن بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جاري رهندي آهي، هوڏانهن  توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر ايراني سفير کي ٽيليفون ڪري ايران ۾ بجلي جي شارٽ فال سبب بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وفاقي وزير بلوچستان کي بجلي جي جلد بحالي جي ضرورت تي زور ڏنو. ايراني سفير توانائي واري وفاقي وزير کي بجلي جي جلد بحاليءَ جي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت بجلي جي رسد واري نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. بلوچستان جي سامونڊي علائقي کي نيشنل گرڊ مان منسلڪ ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. بلوچستان ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي مسئلي تي جلد قابو پايو ويندو. ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ايراني سفير چيو ته ايراني حڪومت بجلي جي جلد بحاليءَ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.