سريلنڪا ٻئي ٽي _20 ۾ ڀارت کي هارائي ڇڏيو

ڪولمبو (م ڊ ) سريلنڪا  ٻين ري شيڊول ٽي _20 عالمي ڪرڪيٽ ميچ ۾ ڀارت 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪري  ٽن ميچن جي سيريز 1-1 جي فيصلي جوڳي سرسي حاصل ڪري ورتي  .  آئي لينڊرز 133 رنسن جو گهربل هدف 19.4 اوورز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو ،دهنجا ڊي سلوا ناقابل شڪست40 رنسون ٺاهي نه رڳو پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پر مرد ميدان جو به اعزاز حاصل ڪري ورتو.

آصف علي زرداري ، يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين خلاف توشه خانه ريفرنس ۾ ٻُڌڻي ملتوي

اسلام آباد(م ڊ) احتساب عدالت جي جج سيد اصغر علي جي عدالت ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين خلاف توشه خانه ريفرنس  ۾ صفائيءَ واري وڪيل جي گذارش تي ٻُڌڻي ملتوي ڪئي وئي. گذريل ڏينهن ٻُڌڻيءَ دوران نيب پراسيڪيوٽر عرفان ڀولا ۽ صفائي وارو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت آڏو پيش ٿيا. عدالت ملزمن جي حاضري لڳائي، ان موقعي تي آصف علي زرداري، يوسف رضا گيلاني ۽ عبدالغني مجيد جي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست ڏني وئي، جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو. ٻُڌڻيءَ دوران آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جي نيب گواهه تي جرح لاءِ وقت گُهريو، جنهن تي عدالت استدعا منظور ڪندي ٻُڌڻي 9 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

آمريڪي رياست الاسڪا ۾ زلزلو، سونامي جي وارننگ

جيونيو(م ڊ) آمريڪي رياست الاسڪا جي ٻيٽ تي شديد زلزلي کان پوءِ سونامي وارننگ جاري ڪئي وئي.پرڏيهي ميڊيا موجب الاسڪا جي ٻيٽ تي 8.2 شدت جو زلزلو  ريڪارڊ ڪيو ويو جنهن کان پوءِ آمريڪي جيولوجيڪل سروي بحرالڪاهل ۾ سونامي جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي. مريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلو خميس جي ڏينهن رات 10 لڳي 15 منٽ تي آيو جنهن اونهائي 35 ڪلو ميٽر هئي.ٻيٽ تي شديد زلزلي کان پوءِ الاسڪا نيشنل سونامي وارننگ سينٽر به رياست جي ڏکڻ حصن، ٻيٽ ۽ بحرالڪاهل جي سامونڊي علائقن ۾ وارننگ جاري ڪئي.

ڪراچي ۾ اغوا ڄاڻايل ناري ڪورٽ ۾ پسند پرڻو ڪري ڇڏيو، ڌمڪيون

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي رضويا واري علائقي مان پر اسرار نموني گم ٿيل ناري جي اغوا جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد ناري مڙس سميت سوشل ميڊيا تي شادي بابت  بيان جاري ڪري ڇڏيو، ٻه ڏينهن اڳ رضويا ٿاڻي جي حد لياقت آباد جي علائقي ۾ رمشا نالي ڇوڪري پراسرار نموني گم ٿي وئي هئي، گم ٿيل ناري جي پيءُ انور الدين رضويا ٿاڻي تي ڌيءَ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو، اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ بعد اغوا ڄاڻايل ناري رمشا پنهنجي مڙس شاهه مير سان گڏ سوشل ميڊيا تي بيان ڏيندي چيو آهي ته مان پنهنجي رضا خوشي سان گهران نڪري شاهه مير پٽ محمد لطيف سان ڪورٽ ۾ شادي ڪئي آهي، هن چيو ته منهجا مائٽ مڙس ۽ سندس مائٽن کي مسلسل ڌمڪيون ڏئي رهيا آهي، ٻئي پاسي رمشا سان شادي ڪندڙ اورنگي ٽائون واسي نوجوان شاهه مير چيو ته اسان نڪاح ڪيو آهي ان جو ڪاپيون رضويا ٿاڻي تي جمع ڪرايو آهن، اسان کي پوليس ۽ رمشا جا مائٽ هراسان ڪري رهيا آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.