حيدرآباد ۾ لوڊشيڊنگ ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ لوڊ شيڊنگ ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف سوين شھري روڊن تي نڪري آيا، حيدرآباد  جي شاھي بازار، پڪو قلعو، مفتي گھٽي جي رھواسين  ڏيڍ مھيني کان ٽرانسفارمر خراب ھئڻ خلاف فقير جو پڙ ۽ قلعي چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو، ڌرڻي ۾ سوين شهرين احتجاج روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب پڃرا پول، فقير جو پڙ، ڪلاٿ مارڪيٽ، ميمڻ اسپتال ۽  قلعہ چوڪ وارا روڊ بند ٿي ويا، جنهن ڪري شهر جا مک روڊ بلاڪ ٿي ويا.  شهرين جو چوڻ آهي ته ڏيڍمھيني کان ٽنهي علائقن ۾ ٽرانسفارمر خراب هئڻ سبب بجلي بند آهي جنهن ڪري سخت تڪليفن کي منھن ڏئي رھيا آھيون، هنن چيو ته حيسڪو وارن کي ٽرانسفارمر جي مرمت لاء چندو ڪري پئسا به ڏنا ھئا پر بجلي بحال نه ٿي، هنن چيو ته بجلي نه هئڻ ڪري پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ ٿي ويو آهي،  هنن مطالبو ڪيو ته ٽرانسفارمر جي مرمت ڪري ٻيھر لڳايو ويو جيئن بجلي بحال ٿي سگھي. 17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.