جهڏو:مڙس جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو عورت جو احتجاج

جهڏو لڳ ڳوٺ يعقوب ڪپري جي رهواسڻ 27 ساله عورت مسمات ظهران ڪپري پنهنجي امڙ مسمات آسيه، ۽ ڀيڻ افشان ڪپري، سان گڏجي ميڊيا سينٽر جهڏو تي پنهنجي مڙس موجود ڪپري خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي صحافين آڏو دانهيندي مسمات ظهران چيو ته 4 سال اڳ سندس ” موجود ” ڪپري سان شادي ٿي هئي، ڄاڻايل مڙس مان هڪ پٽ جو اولاد آهي، هن الزام هڻندي چيو ته هن جو مڙس مسلسل مون کي مارڪٽ ڪري دٻاءُ وجهي غير ماڻهن سان ناجائز تعلق رکڻ تي مجبور ڪندو آهي، انڪار ڪرڻ تي گهران ڪڍي ڇڏيندو هو، هفتو اڳ  بدترين تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو جنهن  کانپوءِ هوءَ پنهنجي امڙ جي گهر رهي ٿي، گذريل ڏينهن منهنجي مڙس پنهنجي هٿيار بند ساٿين سان گڏجي گهر تي حملو ڪري 2 سالن جي پٽ قلب حيدر کي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس ۾ دانهن ڏيڻ باوجود ڪابه ڪارروائي نه ٿي، هنآء جي سنڌ، ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کي اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.