فيس بڪ جي باني واهپيدارن کي نئين پراڊڪٽ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) فيس بڪ جي باني مارڪ زڪربرگ آخرڪار واهپيدارن جو انتظار ختم ڪندي هنن کي اسمارٽ عينڪ متعارف ڪرائڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.

تازو ئي مارڪ زڪربرگ صارفين کي ٻڌايو ته فيس بڪ جو ايندڙ پراڊڪٽ (ري بين) جي اسمارٽ عينڪ هوندي جيڪا EssilorLuxattica ڪارپوريشن جي ڀائيواري سان لانچ ڪرائي ويندي.

زڪربرگ موجب اِها عينڪ عام عينڪن جيان ئي نظر ايندي پر هي عينڪ ڪڏهن لانچ ٿيندي ۽ ڪهڙي طرح ڪم ڪندي ان حوالي سان تفصيل ناهي ٻڌائي وئي پر اميد ڪئي پئي وڃي ته هلندڙ سال جي پڄاڻي تائين اِها صارفن جي لاءِ موجود هوندي.

سي اين بي سي جي رپورٽ موجب فيس بڪ جي اسمارٽ عينڪ پائڻ سان واهپيدار کي اکين آڏو هڪ گراف تي ٻڌل ڊسپلي نظر ايندو، صارف ان سان ڪالز ڪري سگهندو، ان کان سواءِ پنهنجي موجوده جاءِ کي لائيو اسٽريم ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه ڪري سگهندو.

رپورٽ موجب اِها اسمارٽ عينڪ اسمارٽ فون جي جاءِ وٺڻ جي اهل هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.