ضمانت منظور ڪرائيندڙ پي ٽي آءِ ايم پي اي ٻئي ڪيس ۾ گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن ضمانت منظور ڪرائيندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب جي ميمبر نذير چوهاڻ کي ايف آءِ اي اڄ سائبر ڪرائم جي ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو.
گذريل ڏينهن عدالت ايم پي اي نذير چوهاڻ جي هڪ لک رپين جي مچلڪن جي عيوض ضمانت منظور ڪئي هئي، نذير چوهاڻ جي پرسنل اسسٽنٽ طرفان مچلڪا جمع ڪرائڻ کان پوءِ جوڊيشل مجسٽريٽ هن جي آزادي جو حڪم جاري ڪيو هو.
پر پنجاب اسيمبلي جي ميمبر جي آزادي کان اڳ ئي ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم يونٽ نذير چوهاڻ کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم يونٽ نذير چوهاڻ جي خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، ڪيس ۾ وڌيڪ ٻن ڄڻن جاويد بٽ ۽ وسيم راجا کي به نامزد ڪيو ويو آهي.
وزير اعظم عمران خان جي صلاحڪار شهزاد اڪبر نذير چوهاڻ جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي.
ايف آءِ آر موجب نذير چوهاڻ سوشل ميڊيا تي شهزاد اڪبر جي خلاف نفرت جوڳي تقرير ڪئي، ايف آءِ آر ۾ جاويد بٽ ۽ وسيم راجا کي سوشل ميڊيا جو صحافي ٻڌايو ويو آهي.
شهزاد اڪبر جو ايف آءِ آر ۾ چوڻ هو ته نذير چوهاڻ منهنجي مذهبي عقيدي کي نشانو بڻايو.
ايف آءِ اي موجب سائبر ڪرائم ونگ جي انڪوائري ۾ ثابتو ٿيو ته نذير چوهاڻ شهزاد اڪبر بابت افواهه پکيڙيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.