آرمي چيف سان سعودي پرڏيهي وزير جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان السعود ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿيل ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي ٻه طرفن معاملن ۽ افغان امن عمل سميت خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته شهزادي فيصل بن فرحان السعود آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي ملاقات ۾ حمايت جي خاطري ڪرائيندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.