”افغانستان واري معاملي تي اسان جي مٿان وڏو دٻاءُ ايندو“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اسان ۾ ۽ مخالف ڌر ۾ نظريي جو فرق آهي ۽ جيڪڏهن اسان نظريي تي بيٺا رهياسين ته ڪڏهن ناڪام نه ٿينداسين.
وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ حڪومتي اڳواڻن ۽ ترجمانن آزاد ڪشمير اليڪشن ۾ ڪاميابي تي وزير اعظم کي واڌايون ڏنيون.
اجلاس ۾ حڪومت جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ تي تجويزون طلب ڪيون ويون ۽ 18 آگسٽ تي حڪومت جي ٽي سالا ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.
اجلاس ۾ زراعت جي شعبي ۾ سڌارن تي ترجمانن کي بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته علامه طاهر اشرفي مذهبي هم آهنگي بابت قدمن تي بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل هڪ سال ۾ مختلف اقليتي شعبن کي سڀ کان وڌيڪ نمائندگي ڏني وئي.
ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي چڪي آهي، انسان ڪوشش ڪري ته ناممڪن کي ممڪن بڻائي سگهي ٿو، اسان هڪ نظريي جي بنياد تي سياست جو آغاز ڪيو، اسان ۾ ۽ مخالف ڌر ۾ نظريي جو فرق آهي، اسان نظريي تي بيٺا رهياسين ته ڪڏهن به ناڪام نه ٿينداسين.
وزير اعظم ماڻهن کي ڪامياب پاڪستان منصوبي جي آگاهي ڏيڻ لاءِ مهم هلائڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته ڏکيا فرصلا ڪرڻ ۽ انهن تي بيهڻو پوندو آهي، ڪوويڊ دوران اسان ڏکيا فيصلا ڪيا، جن جا بهتر نتيجا آڏو آيا، 40 لک ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ جو ڪامياب پاڪستان منصوبو سڀاڻي لانچ ڪري رهيا آهيون.
وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ليڊرشپ جي تقاضا اِها آهي ته توهان جي اندر پريشر برداشت ڪرڻ جي صلاحيت هئڻ گهرجي، افغانستان جي معاملي تي اسان تي وڏو دٻاءُ ايندو، اسان پريشر ۾ اچڻ بدران اُهي فيصلا ڪنداسين جيڪي عوام لاءِ بهتر هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.