نيب ايگزيڪٽو بورڊ مفتاح اسماعيل خلاف انڪوائري جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي ايگزيڪٽو بورڊ اجلاس ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي خلاف انڪوائري جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نيب جي چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 4 انڪوائريز جي منظوري ڏني وئي.
پڌرائي موجب بورڊ اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي جي آفيسرن، اهلڪارن ۽ ٻين جي خلاف به 2 انڪوائريز جي منظوري ڏني.
بورڊ پشاور جي آبپاشي کاتي ۽ روينيو ڊپارٽمنٽ جي ملازمن ۽ ٻين جي خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني.
نيب پڌرائي موجب نيب ايگزيڪيٽو بورڊ سيد تجمل حسين جي خلاف بدعنواني جي ريفرنس جي به منظوري ڏني، جوابدار غير قانوني ٽيسٽنگ ڪمپني جي ذريعي عوام کان ڳري رقم وصول ڪئي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مالم جبا ٽينڊرنگ پراسيس ۾ بي ضابطگين جي جاچ چيف سيڪريٽري ڪي پي ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.