ريلوي ٽڪيٽ ۾ ڊيم فنڊ جي وصولي ختم ڪرڻ جو حڪم

لاهور(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير اعظم خان سواتي مسافرن کان ٽيڪٽ تي واڌو ڊيم فنڊ جي ڪٽوتي کي ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
هاڻ مين ۽ برانچ لائنن تي سفر ڪندڙن مسافرن جي ٽڪيٽ تي ڊيم فنڊ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪٽوتي نه ڪئي ويندي. ريلوي ترجمان موجب ريلوي آفيسر اڪانومي ڪلاس تي 100 رپين تائين ڀاڙي تي في مسافر هڪ رپيو ڪٽوتي ڪندا هئا، اهڙي طرح 100 رپين کان وڌيڪ ڀاڙي تي 2 رپيا ڪٽوتي ٿيندي هئي، ايئر ڪنڊيشنڊ ڪلاس ۾ 10 رپيا ڊيم فنڊ جي مد ۾ ڪٽوتي ٿيندي هئي.
ريلوي مسافرن کان ديامير ڀاشا ڊيم جي اڏاوت لاءِ اِها ڪٽوتي ڪئي پئي وئي پر هاڻ ريلوي ٽڪيٽ تي ڊيم فنڊ جي واڌو ڪٽوتي کي ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.