عمران خان شهباز شريف جي عزت کي ڇيهو رسائڻ واري دعويٰ جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شرف طرفان عزت کي ڇيهو رسائڻ واري دعويٰ جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.
عمران خان شهباز شريف جي عزت کي ڇيهو رسائڻ واري دعويٰ ڏنڊ سان گڏ خارج ڪرڻ جي اپيل به ڪئي آهي.
عمران خان طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف يا شهباز شريف طرفان رقم جي آڇ سڌي سنئين ناهي آئي پر ڪنهن جي ذريعي آئي هئي، عمر فاروق ناهي شخص ٻڌايو ته آڇ آهي، جيڪڏهن عمران خان پامانا ليڪس جي پيروي ڇڏي ڏئي ته هو ڳري رقم ڏيڻ لاءِ تيار آهن.
جواب ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف ماضي ۾ هڪ آرمي چيف کي بي ايم ڊبليو گاڏي ڏيڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي، شهباز شريف جي هڪ جج سان آڊيو ٽيپ به منظر تي اچي چڪي آهي.
وزير اعظم طرفان ڪيل اپيل موجب شهباز شريف تي الزام عزت ڇيهو رسائڻ واري دعويٰ ۾ نٿا اچن، شهباز شريف قانون جي موجب 60 ڏينهن ۾ ڪو خاص نوٽيس ناهي موڪليو، شهباز شريف 8 مئي 2017ع تي قانوني تقاضا پورا ڪرڻ کان سواءِ ليگل نوٽيس موڪليو.
عزت کي ڇيهو رسائڻ واري دعويٰ جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف ٻن ڏهاڪن کان سياسي مخالف آهي، شهباز شريف بدنام ڪرڻ جي لاءِ پاڻ ڪيترائي بيان ڏئي چڪو آهي.
جواب ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته رشوت جي آڇ جي باري ۾ جيئن ٻڌايو ويو اهڙي ئي طرح بيان ڏنو ويو، شهباز شريف جي شهرت منهنجي بيان جي ڪري نه پر ڪنهن ٻئي جي ڪري متاثر ٿي هوندي، شهباز شريف طرفان دعويٰ ڪوڙي، بي بنياد ۽ حقيقتن کي چيڀاٽي داخل ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.