ڪورونا: ڪياماڙي ۾ 9 آگسٽ تائين اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن جي ڪري ڪراچي جي ضلعي ڪياماڙي جي يوسي 4 ۽ 5 ۾ اڄ کان 9 آگسٽ تائين مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون هنيو ويو آهي.
ذريعن موجب ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي ڪياماڙي جي يوسي 4 ۽ 5 ۾ اڄ کان 9 آگسٽ تائين مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي ضلعي ڏکڻ جي انتظاميا طرفان مختلف علائقن ۾ ڪاروائيون ڪيون ويون آهن، ڪارروائين جي دوران ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙين تي ڪيتريون ئي گاڏيون بند ڪيون ويون، ڪارگو آفيسن سميت 11 دڪان سيل ڪري 8 هزار رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.