بي حسي! ساڪري جي واپاري پاران ڪينسر ورتل عورت جي علاج جا پئسا هڙپ

ميرپور ساڪرو: (رپورٽ: عبدالرزاق ڪلمتي) ڪينسر ۾ مبتلا ماءُ جي علاج لا ڍور وڪڻندڙ پورھيت جو بااثر  واپاري پئسا کائي ويو.   پورھيت جو  امڙ سميت احتجاج،  پورهيت عبدالستار  حمائتي پنهنجي امڙ زينب سان گڏ صحافين آڏو دانھيندي چيو ته گذريل ٽن سالن کان سندس امڙ  ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا  آهي جنهن جي علاج لاءِ مون وٽ پئسا نه ھئا مون منهنجا ڍور ڍڳا مال جي واپاري مبارڪ مري کي 2 لک روپين ۾ وڪرو ڪيا پر 9 مھينا سندس پويان ڊوڙڻ باوجود ھڪ لک پـنجاھ ھزار روپيا اڃا تائين  ناهن مليا. هو  بااثرآهي ڪافي دفعا شڪايتون ڪيون  پر ڪير به ٻڌڻ لا تيار ناهي.  ھنن چيو ته اسان بيماري جي ڪري پريشان آھيون اسان وٽ کائڻ  لا پئسا ناھين بيمار ماءُ  جي علاج لا سخت پريشان آھيان. 03.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.