شهزاد اڪبر سان تڪرار، جهانگير گروپ جو ميمبر نذير چوهاڻ گرفتار

لاهور (م ڊ) پوليس وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر جي مدعيت ۾ داخل ڪيس ۾ جهانگير ترين گروپ جي پنجاب اسيمبلي ميمبر نذير  چوهاڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.نذير چوهاڻ جي گرفتاري وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر جي مدعيت ۾ داخل ڪيس جي تحت ٿي آهي. پوليس نذير چوهاڻ جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي ميمبر کي جاچ ۽ وائس ميچنگ جي لاءِ گرفتار ڪيو ويو آهي. نذير چوهاڻ ايل ڊي اي ڪامپليڪس ۾ ڊي جي ايل ڊي اي سان ملاقات لاءِ آيو ته پوليس سندس فون لوڪيشن ذريعي کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ پهتي جتي عمارت مان ٻاهر اچڻ تي پوليس موبائيل ۾ ويهاريو ويو.ٻئي طرف جهانگير ترين گروپ نذير چوهاڻ جي گرفتاري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.نذير چوهاڻ هڪ ٽي وي شو جي دوران شهزاد اڪبر تي الزام لڳايا هئا جنهن تي شهزاد اڪبر لاهور جي ٿاڻي ريس ڪورس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.