سنڌ ۾ ڪورونا شرح بلند، 20 ڄڻا فوت، ٽيوشن ۽ جم بند

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي خاص طور ڪراچي ۾ تازو غير معمولي ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي هڪ وزارتي ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا دڪاندارن، واپارين، ٽرانسپورٽرن ۽  سياستدانن سوڌو سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي حڪومت سان سهڪار ڪرڻ تي راضي ڪندي ته جيئن عوامي صحت جي اولين مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ صورتحال سخت متاثر ٿي سگهي ٿي. اهڙو اظهار هن ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪوروناوائرس بابت صوبائي ٽاسڪ فورس اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ناصر شاهه، ڄام اڪرام ڌاريجو، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير ڪورونا وائرس جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ انکي خطرناڪ قرار ڏنو ۽ بعد ۾ هن سرڪاري اسپتالن ۾ موجود سهولتن جو آڊٽ ڪيو ۽ ڪجهه ٻين سرڪاري اسپتالن ۾ ڪورونا وائرس جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي صحت واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي چيو ته صوبي ۾ هاڪاري شرح 12.7 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي  جيڪو چوٿين لہر ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.  ڪراچي ۾ 26 جولاءِ تي 26.32 سيڪڙو تشخيصي شرح رڪارڊ ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 20 جولاءِ تي ڪراچي ۾ تشخيصي شرح 20 سيڪڙو هئي جيڪا 21 جولاءِ تي 23 سيڪڙو، 22 جولاءِ تي 21.54 سيڪڙو، 24 جولاءِ تي 23.46 سيڪڙو، 25 جولاءِ تي 24.82 سيڪڙو ۽ 26 جولائي تي 26.32 سيڪڙو هئي.. وڏي وزير کي سرڪاري اسپتالن ۾ وينٽيليٽرن جي سهولتن بابت ڄاڻ ڏني وئي ته 686 مريضن مان 76 آءِ سي يو ۾ وينٽيليٽرن تي آهن ۽ ٽوٽل 1547 ايڇ ڊي يو بيڊ مان 690 مريض بسترن تي آهن. ان تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسپتالن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي تنهنڪري هن سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته ليبر ڊپارٽمينٽ جي 3 اسپتالن، پوليس اسپتال، لياقت آباد ۽ نيو ڪراچي جي اسپتالن ۾ سهولتون ڏنيون وڃن ۽ سروسز ۽ ڪورنگي اسپتالن ۾ مرڪي قسم (Marquee-type) جو بندوبست ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته عباسي شهيد اسپتال ۾ ڪورونا وارڊ قائم ڪيو ويو آهي جتي 10 مريض داخل آهن.اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مظفر آباد ۾ وينٽيليٽرن تي 2 مريض آهن، اسلام آباد ۾ 23، پشاور ۾ 21، لاهور ۾ 81، ملتان ۾ 18 ۽ ڪراچي ۾ 76 مريض آهن. سنڌ جي وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته شهر ۾ ڪورونا ٽيسٽن جو تعداد وڌائين ته جيئن متاثر ماڻهن کي جاچ ڪري سگهجي ۽ وڏي انگ ۾ وبائي مرضن جي پکيڙ تي ضابطو آڻي سگهجي. صوبائي حڪومت کي مختلف ويڪسينن جون 6900997 خوراڪون مليون آهن جن مان 5620977 خوراڪون استعمال ڪيون ويون آهن،سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪجهه سياسي دوست مارڪيٽن جي بندش يا ٻين سرگرمين بابت غير ذميواراڻا بيان ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ماڻهن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي.. مراد علي شاهه ايڊيشنل آءِ جي پوليس ۽ ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته مارڪيٽن کي وقت سِر بند ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ٽيوشن سينٽرن ۽ خانگي جم پڻ بند ڪيا وڃن جيڪي اڃا تائين کليل آهن. هن صوبي جي عوام تي زور ڀريو ته هوءَ گهرن ۾ رهن ۽ سواءِ ضروري ڪارڻ جي گهر کان ٻاهر وڃڻ کان پاسو ڪن، صوبائي ٽاسڪ فورس اجلاس جي صدارت ڪرڻ کانپوءِ وڏي وزير خانگي اسپتالن جي سي اي اوز سان ملاقات ڪئي ۽ کين اپيل ڪئي ته اهي پنهنجن اسپتالن ۾ ڪورونا وائرس سان لاڳاپيل سهولتن کي اپڊيٽ ڪن. خانگي اسپتالن جي سي اي او سنڌ جي وڏي وزير کي ڪورونا مريضن کي مهيا ڪيل سهولتن ۽ انهن کي ويڪسين لڳائڻ واري مهم ۾ پنهنجي ڪاوشن بابت پڻ ٻڌايو. مراد علي شاهه سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته خانگي اسپتالن سان ويجهي رابطي ۽ رهنمائي لاءِ واٽس اپ گروپ ٺاهيو وڃي. هوڏانهن  سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وڌي ويو،هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 20 مريض فوت ۽ ٻه هزار 517 نوان ڪيس آيا آهن،وڏي وزير اها ڳالهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌائي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 20 مريض پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا ۽ فوتين جو انگ 5860 تائين پهچي ويو آهي جيڪو 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته 18737 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2517 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 13.4 سيڪڙو موجوده هاڪاري شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 4927434 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 371745 ڪيسن جي تشخيص ٿي انهن مان 88.8 سيڪڙو يعني 330166 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 6590 مريض پڻ شامل آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.