ڪراچي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڏنڊا لڳڻ سبب 8 ڄڻا زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي شفيق ڪالوني ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران پٿر ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. تفصيل مطابق ڪراچي جي فيڊرل بي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي حد ۾ واقع شفيق ڪالوني ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران لتون ، مڪون ، پٿر ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب 8 ڄڻا اقبال حسين ، ظفر حسين ، صدام حسين ، تاثير خان ، عبدالرحمان ، افسر خان ، شهزاد ۽ حميد زخمي ٿي پيا جن کي عباسي شهيد ۽ جناح اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

ابراهيم حيدري مان 3 ڦورو گرفتار، هٿيار ۽ موٽر سائيڪل هٿ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ابراهيم حيدري ٿاڻي جي پوليس هڪ ڪارروائي ڪري ٽن  ڦورن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. تفصيل مطابق ڪراچي جي ابراهيم حيدري ٿاڻي جي پوليس هڪ ڪارروائي ڪري ٽن ڦورن سمير ، عبدالڪريم ۽ حسن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان غير قانوني هٿيار ڦر ڪيل اسمارٽ فون ۽ چوري جي هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آهي. پوليس موجب جوابدار پيشيور ڏوهاري آهن ۽ ڦر لٽ جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهن. پوليس موجب هٿ آيل هٿيارن کي فارنزڪ لاءِ موڪليو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.