موهن دڙي ڀرسان مٽيءَ کي سون بڻائيندڙ ڇوڪري

ڪراچي (م ڊ) موهن دڙو ڀرسان ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ جي رهواسڻ ثمرين سولنگي پنهنجي ذهانت ذريعي مٽيءَ کي به سون جهڙو بڻائي ڇڏي ٿي، ثمرين مٽيءَ  جا زيور ٺاهي ٿي، ثمرين جو چوڻ آهي ته کيس ننڍ پڻ کان مٽيءَ جا رانديڪا  ٺاهڻ  جو شوق  هو، هڪ غير سرڪاري اداري  رورل سپورٽ آرگنائيزيشن به زيور ٺاهڻ  جي سکيا ڏني هاڻي  موهن دڙي ڀرسان چيڪي مٽيءَ  مان جهمڪا، واليون ۽ ٻيا زيور ٺاهيندي آهيان جهمڪي جا پهرين گهنگهرو  ٺاهيندي آهيان پوءِ جهمڪا  سڪڻ  لاءِ رکي ڇڏيندي آهيان، آخر ۾ڇيڻن جو ليپ ڏئي، انهن کي پچائيندي آهيان  جهمڪن تي هر قسم جو رنگ ڏنو ويندو آهي، پر چاندي ۽ سون جي رنگ وارا جهمڪا وڌيڪ  مشهور ٿيا آهن، موهن دڙي تي ايندڙ سياح خريد ڪندا آهن جن جي وڪري سان گهر ۾ دال مانيءَ  جيترا پئسا ملي ويندا آهن، پر ڪورونا وبا سبب سياحن موهن دڙو اچڻ ڇڏي ڏنو آهي، ان ڪري مٽيءَ  مان ٺهيل  زيور، مهرون ۽ مورتيون وڪرو ٿيڻ بند ٿي ويون آهن. ثمرين ٻڌايو ته 6  ڀينر آهن،کين ڀاءُ نه آهي ان ڪري هو سمجهنديون آهن ته اسان بابا جا پٽ آهيون، مورتيون ۽ زيور ٺهرائڻ ۾ بابا به مدد ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته بيمار هجڻ سبب ٻيو ڪم ڪري نه سگهندو آهي. هن چيو ته ٻي ڪابه خواهش نه آهي بس ڀينرن ۽ بابا کي خوش ڏسڻ ئي اول آخر خواهش آهي. هن ٻڌايو ته سکر جي شاگردياڻي اقصيٰ شورو  سوشل ميڊيا تي متعارف ڪرايو ۽  مدد ڪئي هاڻي زيور خريدڻ  جا آرڊر اچي رهيا آهن، هن ٻڌايو ته جڏهن پيدا ٿي هيس ته ڏاڏي  چيو هو ته هيءُ سونين آڱرين واري ڇوڪري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.