وياج شرح 7 سيڪڙو برقرار، جي ڊي پي گهٽ مهانگائي وڌيڪ آهي :اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي (رپورٽر/ م ڊ) اسٽيٽ بئنڪ وياج شرح 7  سيڪڙو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا  باقر، ڊپٽي گورنر  ۽ ٻين عهديدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مانيٽري  پاليسي ڪميٽي وياج شرح  7 سيڪڙو برقرار  رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هن چيو ته مهانگائي جي رفتار کان شرح پاليسي گهٽ آهي. جنهن کي ماهر ناڪاري ريٽ چوندا آهن، ڪورنا وبا شروع ٿيڻ شرط وياج شرح 7  سيڪڙو  ڪرڻ جو مقصد هو ته معيشت  سان سهڪار ڪيو وڃي ڇو ته اسان جي جي ڊي پي جي شرح تمام گهٽ هئي. ڪورونا دوران جيڪي قدم کنيا، ان جي نتيجي ۾ شرح  ترقيءَ جي اوسر مالي سال  جي پڄاڻيءَ تي اٽڪل 4 سيڪڙو هئي مهانگائي شرح ٻه مهينا اڳ 7 . 9  سيڪڙو هئي.  پر هاڻي گهٽي آهي ۽ جون کان 9. 8 سيڪڙو اهي، پر هن وقت به مهانگائي شرح تمام گهڻي آهي ، هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ 6. 0 سيڪڙو  خسارو هو. 10 سالن ۾ اها انتهائي گهٽ آهي.هن چيو ته اسان جي پرڏيهي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ گذريل سال 7. 13 جو اضافو ٿيو آهي، هن سال به پرڏيهي واپار ۾ واڌ لاءِ واپاري ڪوششون ڪري رهيا آهن، اسٽيٽ بئنڪ به هڪ اسڪيم ڏني آهي، جنهن سبب  مشينري در آمد ٿي آهي، جنهن سان پيدا وار ۾ واڌ ٿي آهي. اميد آهي ته هن سال پرڏيهي واپار ۾  واڌ ايندي، اسٽيٽ بئنڪ جو اهم قدم ڊجيٽل اڪائونٽ  هو. ان مان 8. 1 ارب ڊالر اچي ويا آهن، ان کانسواءِ ٻيا مالي وسيلا ڏسي چئي سگهجي ٿو ته ڪرنٽ خسارو  مڪمل طور فنانسڊ آهي، هن چيو ته  گذريل مالي سال ۾ اٽو ۽ کنڊ ٻاهران گهرائڻي پئي ڇو ته حڪومت عوام جون ضرورتون پوريون ڪيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.