وزيراعظم جو پاڪ سعودي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ قدمن تي زور

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ پاڪ سعودي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزيراعظم عمران خان سعودي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مدد لاءِ سعودي حڪومت جي ساراهه ڪئي.

سرڪاري پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏيل سهڪار سان نوان رستا ڳولڻ، واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ وڏن امڪانن کي سمجهندي قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

ملاقات دوران عمران خان ڪورونا سبب سفري پابندين جي ڪري پاڪستاني شهرين بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي، وزيراعظم سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ڪووڊ ويڪسين ڪرائڻ جا به ٿورا مڃيا.

پڌرائي موجب ملاقات دوران افغانستان جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وزيراعظم افغان ڌرين ۾ ٺاهه وارين ڳالهين جي شروعات تي زور ڏنو ۽ چيو ته افغانستان ۾ امن خطي ۾ امن امان جي حوالي سان ضروري آهي.

سعودي جي پرڏيهي وزير وفد جي شاندار آجيان ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا، سعودي پرڏيهي وزير اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ پائدار بڻائڻ جو عزم ڪيو ۽ چيو ته سعودي عرب ڄمون ۽ ڪشمير ۾ او آءِ سي رابطن واري گروپ جو ميمبر آهي، سعودي عرب ڪشميري مقصدن لاءِ مستقل طور تي انهن جي حمايت ڪندو آهي، پاڪستان سان لاڳاپا مضبوط آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.