بدين : واھن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ٽن سب ڊويزنن جي آبادگارن پاران احتجاجي ڪئمپ قائم

بدين جي واھن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف  ٽن سب ڊويزنن جي سوين  آبادگارن  پاران ايوان صحافت اڳيان ڪيمپ قائم ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف شھرن مان  آبادگارن پهچي شرڪت ڪئي، ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن حنيف خاصخيلي ،عبدالغفار لاشاري، غلام رسول  ملاح  ۽ ٻين پاران ڪيمپ تي پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته ستون مھينو به پڄاڻي تي وڃي پھتو آھي پر بدين جي واهن جو پاڻي بند رکيو ويو آھي ، ھٿ وٺي وارابندي شروع ڪري آبادگارن کي ويتر ڪنگال بنائڻ وارو پلان تيار ڪيو ويو آھي، هنن چيو ته پاڻي علي پور ريگيوليٽر وٽان ۽ مختلف جاين تان غير قانوني طور با اثرن  کي ڏئي انهن جا واٽر ڪورس وهائي بدين کي بنجر ڪيو پيو وڃي ،سيراڻي .ڀڳڙا ميمڻ . سميت سامونڊي پٽي مڪمل طور سوکڙي جي ور چڙھي وئي آھي پر پاڻي تي ڌاڙو بر قرار آھي ،پاڻي چوري ۾ آبپاشي عملدار سڌا سڌا ملوث آھن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.