وي آءِ پيز جا سيڪيورٽي خرچ گهٽ ڪرڻ لاءِ ”ٿريٽ ڪميٽين“ جي منظوري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا سرڪاري ۽ ٻين اهم شخصيتن جي سيڪيورٽي تي ٿيندڙ خرچ گهٽ ڪرڻ لاءِ ”ٿريٽ ڪميٽيون“ جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي، جنهن تي تحريڪ انصاف جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون عمل ڪنديون.

اهڙي ڳالهه سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري وفاقي ڪابينا اجلاس کان پوءِ صحافين کي ٻڌائي.

هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سيڪيورٽي جو نئون نظام آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته نئون سيڪيورٽي نظام آڻڻ لاءِ ٿريٽ ڪميٽي جوڙي وڃي، جتي جتي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي مطلب ته وفاق، ڪي پي ڪي، پنجاب، گلگت بلتستان ۽ هاڻي ڪشمير ۾ به انفرادي طور خطرن جو جائزو ورتو ويندو ۽ ان حساب سان سيڪيورٽي جو بندوبست ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته اهڙي عمل جي نتيجي ۾ ڪروڙين رپين جي بچت ٿيندي ۽ اٽارني جنرل ۽ قانون وارو وفاقي وزير ان ڏس ۾ عدالت سان ڳالهه ٻولهه ڪندا.

وفاقي وزير موجب عدليا جي سيڪيورٽي ڪهڙي ريت بهتر بڻائي سگهجي ٿي، اهو به هڪڙي قسم جو اهم جُز آهي، پي ٽي آءِ جي هيءَ واحد حڪومت آهي، جنهن چونڊن کي شفاف بڻايو آهي.

صحافين کي بريفنگ ۾ هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ وڏن مسئلن تي حڪومت ۽ اپوزيشن کي هڪ هجڻ گهرجي، چونڊن جي حوالي سان اپوزيشن سان سنجيده ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا.

فواد چوڌري چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ چونڊ مهم تي علي امين گنڊاپور، مراد سعيد، علي محمد خان ۽ شهريار آفريدي کي ساراهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.