اميد ته سعودي عرب پاڪستانين لاءِ ويزا پابندين تي نظرثاني ڪندو: پرڏيهي وزير

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي اسان کي اميد آهي ته سعودي عرب پاڪستانين لاءِ ويزا پابندين تي نظرثاني ڪندو.

پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قيرشي چيو ته سعودي عرب جي پرڏيهي وزير کي اسلام آباد ۾ ڀليڪار ڪيون ٿا، اسان ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن جو جائزو ورتو آهي، ان ڳالهه تي راضپو ڏيکاريو آهي ته پاڪ سعودي سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل قائم ڪئي وڃي، ڪائونسل جي ڍانچي بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي.

ملاقات ۾ سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مسئلن بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي، پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ هڪجهڙا مذهبي، ثقافتي ۽ ڀائراڻا رويا آهن، ٻنهي ملڪن هر ڏکئي وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب ثقافتي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهين ٿا، سعودي عرب ۾ رهندڙ 25 لک پاڪستاني اتي پنهنجي گلوڪارن جي پرفارمنس ڏسڻ چاهين ٿا، اميد آهي ته سعودي عرب پاڪستانين جي ويزا پابندين تي نظرثاني ڪندو.

ان موقعي تي شهزادي فيصل بن فرحان چيو ته پرجوش آجياڻي تي پاڪستان جو ٿورائتو آهيان، اسان پنهنجا مضبوط لاڳاپا وڌيڪ پائيدار بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، اسان ادارن جي حوالي سان گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.