ڪورونا ويڪسينيشن ڪيئن ڪرائجي؟ انتهائي اهم تحقيق

 

ڪورونا کان بچاءَ جا ٻه مختلف ٽُڪا لڳرائڻ سان ان وائرس خلاف مدافعتي قوت تمام گهڻي وڌي وڃي ٿي.

اها ڳالهه ڏکڻ ڪوريا ۾ ڪيل هڪ مطالعي ۾ سامهون آئي آهي.

مطالعي ۾ جن 5 سئو جي لڳ ڀڳ طبي ورڪرن کي وقفي سان ايسٽرازينيڪا ۽ فائزر بيو ٽيڪ جا ٽُڪا لڳايا ويا هئا، انهن ۾ اينٽي باڊيز انهن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ڇهوڻ تي ڏٺيون ويون، جن کي هڪ ئي قسم جي ٽُڪي جون ٻه خوراڪون مليون.

واضح رهي ته برطانيا ۾ ڪجهه هفتا اڳ ڪرايل هڪ سروي ۾ به اهڙا ئي نتيجا ڏٺا ويا هئا پر اڃا تائين صحت جي عالمي اداري يا ڪنهن طبي اداري باضابطا طور ان تي عمل جي صلاح ناهي ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.