ملير: محرم الحرام جي حوالي سان ايس ايس پي عرفان بهادر جي صدارت هيٺ گڏجاڻي

محرم الحرام جي حوالي سان ايس ايس پي ملير عرفان بهادر جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي  جنهن ۾  محرم الحرام ۾ عزادارن ۽ امام بارگاهن جي سيڪيورٽي پلان جي منظوري ڏني وئي، گڏجاڻي ۾ ايس پي ملير سب ڊويزن بن قاسم سنگهار ملڪ ، ايس پي گڏاپ رائو محمد اسلم، مرڪزي تنظيم عزا ڪراچي جي فوڪل پرسن شهزاد رضوي، فقه جعفريه ڪميونٽي بن قاسم جي اڳواڻ حسن رضا بٽ سميت ضلعي جي ايس ڊي پي او ۽ ايس ايڇ اوز شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ايس ايس پي ملير عرفان بهادر چيو ته محرم الحرام جي مقدس مهيني ۾ ضلعي جي سمورن امام بارگاهن، عزادارن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو، مرڪزي امام بارگاهن تي 24 ڪلاڪ پوليس اهلڪار مقرر هوندا، ان سلسلي ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويندا، جنهن ۾ سرڪٽ ڪيمرائون، موبائل سيڪيورٽي يونٽ ۽ خاص مددگار شامل آهن، هن چيو ته هر علائقي ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ پوليس جا جوان، آفيسر عوام ۽ عزادارن سان هر سطح جو تعاون ڪندا ۽ ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس جا اسپيشل ڪمانڊو ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.