سکر: ف ليگ جي جھوني اڳواڻ ۽ جوڳي برادري جي چڱي مڙس مرچو خان جوڳي جو چاليھو

پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سکر جي جھوني اڳواڻ ۽ جوڳي برادري جي چڱي مڙس مرحوم مرچو خان جوڳي جو چاليھو ٿي گذريو ـ ان موقعي تي مرحوم جي ننڍي پٽ غلام شبير جوڳي کي برادري جي پڳ پڻ ٻڌرائي وئي پڳ جو پھريون ور پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي اڳواڻ سيد شفقت علي شاھ ڏنو۔ جنهن کان پو مختلف برادرين جي چڱن مڙسن مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن درگاھ بادل شير بادشاھ جي گادي نشين سيد خادم حسين شاھ، محمد پنجل مهر، ارباز علي عباسي، حضور بخش جوڳي، سهڻو خان کوسو، سائينداد ملڪ ۽ ٻين پڻ پڳ کي ور ڏنا۔ ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي اڳواڻ سيد شفقت علي شاھ خطاب ڪندي چيو ته مرحوم مرچو خان جوڳي ف ليگ سان آخري وقت تائين لاڳاپيل رهيو ،هن  وڌيڪ چيو ته مرچو خان جوڳي جي خاندان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.