ڪورونا وائرس دماغي صحت تي به حملو ڪري ٿو

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي ماهرن 80 هزار کان مٿي ماڻهن تي تحقيق ڪرڻ کانپوءِ دريافت ڪيو آهي ته ڪووڊ 19 جي ڪري ٺهندڙ ڪورونا وائرس (سارس ڪوو2) متاثر ماڻهن جي دماغ کي به ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي.

آن لائن ريسرچ جرنل ”اِي ڪلينيڪل ميڊيسن“ جي تازي شماري ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ جنوري کان ڊسمبر 2020 تائين 81،337 برطانوي شهرين جي صحت بابت معلومات گڏ ڪئي وئي، جن جي ذهنيت ”گريٽ برٽش انٽيلي جنس ٽيسٽ“ ۽ سوال نامن جي ذريعي جاچي وئي.

تجربي مان ڄاتو ويو ته انهن ماڻهن مان جيڪي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا نه ٿيا هئا، انهن ۾ ذهنيت جي پهرين ۽ هاڻوڪين پيمائشن ۾ ڪو خاص فرق نه هو، جڏهن ته ڪورونا کان متاثر ماڻهن جي ذهني صلاحيتن ۾ واضح طور تي گهٽتائي محسوس ڪئي وئي.

اهو به معلوم ڪيو ويو ته ڪورونا وائرس سبب گهڻو متاثر ٿيڻ وارن جي ذهانت به گهڻي متاثر ٿي.

ان کان به وڌيڪ انڪشاف اهو ٿيو آهي ته ڪورونا وائرس جن ماڻهن کي گهڻو متاثر نه ڪري سگهيو يا جن ماڻهن ۾ ڪورونا جي متاثر ٿيڻ باوجود ظاهري علامتون نمايان نه ٿيون، انهن جي ذهنيت تي به فرق پيو هو، مطلب ته انهن جون صلاحيتون به اڳ کان گهٽجي ويون هيون.

ان مطالعي جي روشني ۾ هڪ ڀيرو وري اهو ثابت ٿيو آهي ته ڪووڊ 19 وبا جيتوڻيڪ ڦڦڙن ۽ ساهه واري نظام تي سڌيءَ ريت حملو ڪري ٿي پر جسم جا ٻيا حصا ۽ نظام به ان حملي کان بچي نٿا سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.