ماهرن موبائل لاءِ به ٿرماميٽر ايجاد ڪري ورتو

 

گهڻن ماهرن جو خيال آهي ته نون هارڊ ويئرن کي تبديلين کانپوءِ فائدي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ هاڻي اها خبر سامهون آئي آهي ته ماهرن موبائل فون جي ڪئميرا کي ٿرماميٽر ۾ مَٽائڻ جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي.

ڪوريا اسنٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي حڪومتي فنڊن مان هڪ فائديمند ۽ گهٽ خرچ وارو اميجنگ سينسر ٺاهيو آهي، جيڪو 100 ڊگري سينٽي گريڊ تائين درست ڪم ڪندو آهي، جنهن کي سمارٽ فون جي ڪئميرا سان گڏائي فون ۾ ٿرماميٽر جو واڌارو به ڪري سگهجي ٿو.

ڪورونا وبا واري صورتحال دوران ڇهڻ بنا گرمي پد ٻڌائڻ وارا ٿرمل سينسر عام طور تي استعمال ٿي رهيا آهن، اسپتالن، بئنڪن ۽ ٻين ادارن ۾ انهن جو استعمال عام بڻجي ويو آهي، ان کي نظر ۾ رکندي ڪيترائي موبائل فون وارا ادارا چاهين ٿا ته سندن موبائلن ۾ سٺي ۾ سٺي ٿرماميٽر جو اضافو ڪيو وڃي، جيڪو واڌارو سينسر فون جي ڪئميرا ۾ لڳائي سگهجي ٿو.

اهڙي ضرورت تحت ڪوريا انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ آپٽو اليڪٽرانڪس جي ماهر پروفيسر جون ون چوئي هڪ اهڙو آپٽيڪل سينسر ٺاهيو آهي، جيڪو گذريل وقت جي خرابين کان محفوظ، گهٽ لاڳت وارو ۽ قابل اعتماد آهي، ان ننڍي سينسر کي سولائي سان موبائل فون جي ڪئميرا سان ڳنڍي سگهجي ٿو.

وينيڊيم ڊائي آڪسائيڊ مان ٺهيل اهو سينسر انفراريڊ روشني کي جذب ڪري برقي سنگلن ۾ تبديل ڪندو آهي ۽ ان جي بنياد تي گرمي پد کي نمبرن ۾ ظاهر ڪندو آهي، اهو ايترو ته نازڪ آهي جو عام سينسر جي ڀيٽ ۾ گرمي پد کي بجلي جي سگنل ۾ ٽي ڀيرا وڌيڪ درستگي سان مَٽائيندو آهي، جيڪڏهن گرمي پد 100 ڊگري سينٽي گريڊ به هجي، تڏهن به اهو رڳو ٽن ملي سيڪنڊن ۾ پنهنجي ريڊنگ کي ظاهر ڪندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.