معيد يوسف سرڪاري دوري تي آمريڪا روانو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم جو قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف سرڪاري دوري تي آمريڪا روانو ٿي ويو.

وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب سرڪاري دوري دوران معيد يوسف آمريڪي هم منصب جيڪ سليوان ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪندو، جڏهن ته ان دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ افغانستان جي صورتحال تي به غور ڪيو ويندو، جڏهن ته قومي سلامتي بابت صلاحڪار آمريڪا جي دوري دوران آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن سميت ٿنڪ ٽينڪس، ميڊيا ۽ آمريڪا ۾ موجود پاڪستانين سان به ملاقات ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.