خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي فيصلي ۾ هدايت ڪئي آهي ته ماتحت عدالت ريفرنس جو فيصلو جلد ڪري.

عدالت عاليه خورشيد شاهه جي ضمانت بابت 11 صفحن تي ٻڌل فيصلو به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته وڏي حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته خورشيد شاهه کي سموريون سهولتون اسپتال ۾ مليل آهن، جنهن شخص هڪ ڏينهن به جيل ۾ ناهي گذاريو، ان جي ضمانت جيل ۾ ڏکيائين جي جي ڪري ڪيئن منظور ٿي ڪري سگهجي؟

عدالت جو فيصلي ۾ چوڻ آهي ته اسان جي نظام جي خرابي آهي جو هڪ قدي جيل ۾ سڙهندو رهندو آهي، ٻيو قيدي سياسي اثر جي ڪري سموريون سهولتون حاصل ڪندو آهي، ٻنهي قيدين جي تڪليفن ۾ وڏو فرق آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ اِهو به چيو آهي ته عدالت خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.