سنڌ حڪومت جي ترجمان ڪورونا وائرس ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 26 ڏهائي 3 سيڪڙو آئي آهي، ڪراچي جا 7 هزار ڪيس هڪ مهيني ۾ ٻن لک ٿي سگهن ٿا، پرائيوٽ اسپتال هجي يا سرڪاري اسپتال صورحال خراب آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته جيڪڏهن روزاني 2 هزار 153 مريض آيا ته ڪير به دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهندو.

هن چيو ته حڪومت ۽ هيلٿ ورڪرز ڪورونا سان وڙهي رهيا آهن، ناڪاري پروپيگنڊه ڪئي پئي وڃي، هي جنگ حڪومت ۽ عوام پئي وڙهي.

سندس چوڻ هو ته حڪومت سختي ڪري ٿي ته اسان کي تنقيد جو نشانو ٿو بڻايو وڃي، چون ٿا پيپلز پارٽي ڪراچي دشمن آهي، پيپلز پارٽي توهان جي بهترين مفاد ۾ فيصلا ڪندي آهي.

هن چيو ته اسان کي لاڪ ڊائون هڻي خوشي نه پئي ٿئي، 26 جون تي سنڌ صوبي ۾ 511 ڪيس هئا، 26 جولاءِ تائين ڪورونا ڪيسن جو انگ 2143 پهچي ويو، ڪورونا ڪيسن ۾ هن وقت چار سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته جمعي جي ڏينهن سنڌ جو وڏو وزير ٽاسڪ فورس جو اجلاس ڪندو، جيڪڏهن حالتون اهڙيون رهيون ته سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، بازارن ۾ دڪاندار ۽ خريدار ماسڪ پائن.

مرتضيٰ وهاب پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ٿرپارڪر ۾ ٻارڙي سان زيادتي جي معاملي تي ايس پي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻارڙي سان زيادتي ۾ ملوث جوابدار بدين مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.