نوابشاهه: ڄام نواز علي جي رھواسي جو گهر ڀاتين سميت زمين تي قبضي خلاف احتجاج

ڄام نواز علي جي ديھه 66 جمڙائو جي رھواسي پيرسن علي خان مگسي پنھنجي گھر واري گڏي ۽ معصوم ٻارڙن رياض علي، اياز، سجاد ۽ چاھت سان گڏ زمين تي قبضي خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته سندس والد لال محمد مگسي جي 81 ايڪڙ 37 گھنٽا زمين آھي جنھن 1999 ۾ سليم الله، جعفر، عبدالڪريم، نيڪ محمد، شوڪت علي، جھنڊو خان، صادق، مير خان جمالي، اشرف جمالي ۽ ٻين کي مقاطي تي ڏني جڏهن ته اهي بااثر سندس والد جي وفات کانپوءِ ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي گذريل 22 سالن کان زمين تي قبضو ڪيو ويٺا آھن، ھنن چيو ته بااثرن کيس مقاطي جا صرف 5 لک ڏنا جڏھن ته بقايا 7 لک روپيا نٿا ڏين، ۽ پئسا گهرڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏين ٿا ، ھن مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري هن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ تحفظ ڏنو  وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.