ميھڙ : سيدپور شاخ جي کاٽي نه ٿيڻ ۽ پڇڙيءَ تائين پاڻي نه پهچڻ خلاف مظاهرو

سيدپور شاخ جي کاٽي نه ٿيڻ ۽ پڇڙيءَ تائين پاڻي نه پهچڻ خلاف سيدپور شاخ جي آبادگارن ۽ عوامي تحريڪ تعلقي ميهڙ طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ امتياز جتوئي، ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو، ايڊووڪيٽ منصور چانڊيو، محمد اشرف چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاج ڪندي اڳواڻن چيو ته گذريل ڏهن سالن کان سيدپور شاخ جي کاٽي ناهي ٿي سگهي، آبپاشي عملو ملي ڀڳت ڪري گذريل ڏهن سالن کان سيدپور شاخ جي کاٽي جا پئسا هڙپ ڪري رهيوآهي ، اسان مسلسل احتجاج ڪندا ٿا رهون پر ڪير به اسان جي دانهن ٻڌڻ وارو ناهي،هنن وس وارن ۽ اعليٰ اختيارين کان گُهرَ ڪئي  ته سيدپور شاخ جي مڪمل کاٽي ڪرائي پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي، ٻي صورت ۾  سندن احتجاج جاري رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.