مٺي : هندو نوجوان تي تشدد ڪندڙ ۽ نفرت پکيڙيندڙ جوابدار خلاف ڪيس داخل،جاچ شروع

ٿرپارڪر پوليس کوسڪي ڀرسان ڪاروائي ڪندي جوابدار عبدالسلام ابودائود کي گرفتار ڪري مٿس مذھبي نفرت پکيڙڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ۽ جاچ شروع ڪري ڇڏي، ايس ايس پي ٿرپارڪر سردار حسن نيازي مٺي ۾ ڊي سي ٿرپارڪر محمد نواز ،ڊي ايس پي هارون رشيد ايوب درس سان گڏ پريس ڪانفرنس  ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا تي نفرت انگيز ويڊيو وائرل ٿيڻ تي ٿر جي ماڻھن سخت احتجاج ڪيو، پوليس ڪاروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي ، ڪيس جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي ويندي ته معاملو ڪيئن ۽ ڇو پيش آيو جوابدار ٿر ڪول ۾ نجي گاڏي رينٽ تي هلائيندو هو، هن چيو ته ٿر پرامن خطو آھي ڪنهن کي به ٿر جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ جنهن به اڳتي اهڙي ڪا سازش ڪئي ان خلاف به سخت ڪاروائي ڪئي ويندي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.